ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي گڏاپ ٽائون انصاف اسپتال روڊ تي چيڪنگ دوران ڦر جي ڪترن ئي وارڌاتن ۾ ملوث 3 ڏهاري ڪازم، نور آغا ۽ محمد الله کي گرفتار ڪر ي ورتو، ڏوهارين وٽان هڪ نائين ايم ايم پسٽل، ايمونيشن سميت هڪ موبائل فون ۽ هڪ چوري ٿيل يونيڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي، شروعاتي جاچ دوران جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر اسٽريٽ ڪرائيم ۽ موٽر سائيڪل جي چوري جي ڪترن ئي وا وارڌاتن جو انڪشاف ڪيو آهي، جوابدار ڪراچي جي عزيز آباد مان چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار عادي ڏوهاري آهن، ۽ سندس خلاف مختلف ٿاڻن ۾ڪيس داخل آهن. گرفتا رجوابدر کي هٿيار، ايمونيشن ۽ ڦر ڪيل سامان سميت قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو.










