رينجرز ۽ پوليس جو افغان ڪيمپ سپر هاءِ وي تي آپريشن،گرفتاريو ن

رينجرز ۽ پوليس جو افغان ڪيمپ سپر هاءِ وي تي آپريشن،گرفتاريو ن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ افغان ڪيمپ سپر هاءِ وي تي رينجرز ۽ پوليس آپريشن ڪيو آهي. رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ترجمان چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن کان هٿيار، موبائل فون ۽ پاسپورٽ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. جوابدار شهرين کان موبائل فون ۽ قيمتي شيون ڦرڻ ۾ ملوث آهن. رينجرز ترجمان موجب، جوابدارن چوري ٿيل موبائل فونن جي خريداري ۽ وڪري ۽ هٿيارن جي فراهمي ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.رينجرز جي ترجمان چيو ته جوابدار عادتي ڏوهاري آهن ۽ انهن خلاف سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، گرفتار شڪي ماڻهن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سائيٽ پوليس اسٽيشن حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو