لاهور(ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق ريلوي انتظاميه کي سرڪاري رهائشگاهن مان اضافي اسٽاف واپس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اهم شعبن ۾ عملي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ عملي کي مقرر ڪيو وڃي.ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ ريلوي عملدارن جو اجلاس ٿيو، ريلوي واري وزير ريلوي پليٽ فارمن کي مسافرن لاءِ موزون بڻائڻ لاءِ فوري تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسٽيشنن جي پليٽ فارمن کي ضرورت موجب اپ گريڊ ڪيو وڃي.هن چيو ته بئنڪن ۾ غير استعمال ٿيل 10 ڪروڙ رپيا ريلوي کي واپس اچي ويا آهن.ريلوي واري وزير وڌيڪ چيو ته ايم ايل ون جي ترجيحي پيڪيجز تي ڪم شروع ڪيو وڃي، ريلوي کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڊپارٽمينٽل ڊسپلن تي عمل ڪيو وڃي.










