خيرپور (سجاد علي ڪٻر) روڊ حادثن کان بچاءَ لاءِ موٽر وي پوليس سيڪٽر سکر طرفان مختلف علائقن ۾ روڊ سيفٽيءَ جي حوالي سان مختلف ۽ منفرد پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ روڊ سيفٽي ورڪشاپ، روڊ سيفٽي واڪ ۽ هاءِ وي تي ڊرائيورن کي خصوصي بريفنگ ڏني پئي وڃي. تفصيل موجب آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن جاويد علي مهر ۽ ڊي آءِ جي موٽروي سنڌ علي شير جکراڻي جي خصوصي هدايتن تي ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر جاويد اقبال چڌڙ جي نگرانيءَ هيٺ روڊ حادثن کان بچاءَ لاءِ موٽر وي پوليس سيڪٽر سکر طرفان سيڪٽر جي مختلف علائقن م روڊ سيفٽي جي حوالي سان مختلف ۽ منفرد پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ روڊ سيفٽي ورڪشاپ، روڊ سيفٽي واڪ ۽ هاءِ وي تي ٽريفڪ قانون جي آگاهي سميت روڊ حادثي جي صورت ۾ حفاظتي اُپائن بابت ڊرائيورن کي خصوصي بريفنگ ڏني پئي وڃي، ان ڏس ۾ نيشنل هاءِ وي بس ٽرمينل روهڙي لڳ موبائل ايجوڪيشن سکر سيڪٽر جي آفيسرن انسپيڪٽر صلاح الدين ۽ سب انسپيڪٽر سرفراز خان ٽرڪ ، ٽرالر ۽ آئل ٽينڪر جي ڊرائيورن کي فرسٽ ايڊ باڪس، باهه وسائڻ واري اوزار سميت هاءِ وي ۽ موٽر وي تي گاڏي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي حفاظت لاءِ ڪوننگ جي طريقي بابت آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڊرائيورن روڊ سيفٽي بابت منعقد ڪيل پروگرامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي موٽر وي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته موٽر وي پوليس طرفان فرسٽ ايڊ باڪس بابت ڊرائيورن کي مفيد ڄاڻ ڏني وئي آهي، جنهن سبب گاڏي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڊرائيور يا ڪنڊيڪٽرن کي هاءِ وي يا موٽر وي تي ڪم دوران معمولي يا سخت زخم اچڻ تي هو فرسٽ ايڊ باڪس جو استعمال ڪندا ته جيئن ڪنهن به مهلڪ بيماري جو شڪار نه ٿين. ان موقعي تي ڊرائيورن ۽ موٽروي پوليس طرفان گڏجي روڊ حادثن ۾ گهٽتائي لاءِ هاءِ وي تي روڊ سيفٽي واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊرائيورن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.










