اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ذاتي رنجشون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت جو اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جو موقف نه هجڻ گهرجي. حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ذاتي رنجشون آهن انهن رنجشن دوران ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.حڪومت کي اپوزيشن سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. گورننس جوڊيشل ۽ اليڪشن سسٽم ۾ اصلاحن جي ضرورت آهي. فواد چوڌري چيو ته صوبائي مسئلن ۾ وفاق جو ڪوبه اختيار نه آهي. اين ايف سي ايوارڊ جو 60 سيڪڙو صوبن وٽ هليو ويندو آهي صوبن وٽ ويندڙ پئسن جي مانيٽرنگ جو ڪوبه ميڪانزم ناهي. جن ماڻهن 18هين ترميم ڪئي انهن نه ڪجهه سوچيو ۽ نه وري سمجهيو.18هين ترميم ۽ اين ايف سي سان سمورو سسٽم تباهه ٿي ويو آهي. 18هين ترميم سان فيڊريشن جا اختيار صوبن کي منتقل ٿي ويا. ترميم کان پوءِ مسئلن جي حل جو اختيار وفاق وٽ ناهي رهيو. اهو ڄاڻڻ جو ڪوبه ميڪنزم ناهي ته وفاق وٽان ويندڙ پئسو خرچ به ٿي رهيو آهي يا نه. وفاقي وزير چيو ته جيترو نقصان نوازشريف پنجاب کي پهچايو ڪنهن ٻئي ناهي پهچايو.نوازشريف چيو ته مون کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻايو پوءِ اوهان جي مرضي آهي جيڪو به لکرايو. ڪالهه ايڪٽيهه جنوري هئي ماڻهن جو خيال هو ته انقلاب اچي ويندو. ڪالهه ڪيترن ئي مانهن جا خواب چڪنا چور ٿي ويا. مريم۽ بلاول ملي هاڻ حڪومت جي خلاف بددعائن جي مهم شروع ڪن.
پي ٽي آءِ جي 11 اڳواڻن کي جيل ۾ خان سان ملاقات جي اجازت
دوداپور ڀرسان گهرو اڻبڻت تان ڀاءُ هٿان گوليون هڻي ڀيڻ قتل
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
ذخيرا گهٽ ۽ مهانگي گيس خريدڻ سبب اگهه وڌايا ويا
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب جي لاڳاپن جي خبر نه هئي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28