راڻا جا شاهه، پليجو ۽ سومرو سان رابطا، ڪينالن تي ڳالهين جي آڇ

راڻا جا شاهه، پليجو ۽ سومرو سان رابطا، ڪينالن تي ڳالهين جي آڇ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي وزير رانا ثناءُالله جو قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو،جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه سيد زين شاهه ٽيليفون ذريعي رابطو ڪيو، رانا ثناءُالله اياز لطيف لطيف پليجي سان ڳالهائيندي چيو ته اوھان سان وزيراعظم شھباز شريف صاحب ملڻ چاھين ٿا، اياز لطيف چيو ته ڇھن ڪئنالن جي معاملي تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني موجود آھي،ڪئنالن ٺاھڻ جو فيصلو ڪري سنڌ سان شديد ناانصافي ڪئي وئي آھي، رانا ثناءُالله چيو ته ان مسئلي کي وزيراعظم صاحب اوھان سان گفتگو ذريعي حل ڪرڻ چاھي ٿو،سنڌ جي مختلف ڌرين جي نمائندن جو ڪو وفد ٺاھيندا تہ ان سان بہ ڳالھ ٻولھ ڪري سگھجي ٿي جنهن تي اياز لطيف وراڻيو ته اوھان فوراً ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺندا ته مسئلو حل ٿي ويندو،سنڌ ھن وقت سڄا فيصلا گڏيل مشاورت سان پئي ڪري،سنڌ جي سمورن سياسي ڌرين جو گڏيل فيصلو آھي ته پھريان ڪئنالن جو واپس ورتو وڃي،وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌ درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه سان فون تي رابطو ڪيو،ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي معاملي تي سيد زين شاهه کي ڳالهين جي آڇ ڪئي،راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ان معاملي تي ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل پارٽين، وڪيل ايڪشن ڪميٽي، آبادگارن ۽ پنهنجي اتحادين کي آگاهه ڪنداسين،سيد زين شاهه چيو ته جيستائين واهه ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جو اعلان نه ڪيو ويندو، تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي،وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو سان رابطو ڪندي جي يو آءِ کي سنڌو درياهه تي تڪراري ڪينال تي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي،علامه راشد محمود سومرو جو قومپرست پارٽين کي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ وڪيلن کي به اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، ڳالهين کان اڳ تڪراري واهن تي ڪم فوري طور تي بند ڪيو وڃي،جي يو آءِ سنڌ جو واضح موقف آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڪو به سمجهوتو قبول ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو