ڌونس ۽ ڌمڪيون گهڻو وقت نه هلنديون: جسٽس (ر) مقبول باقر

ڌونس ۽ ڌمڪيون گهڻو وقت نه هلنديون: جسٽس (ر) مقبول باقر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جسٽس (ر) مقبول باقر جو چوڻ آهي ته سڀني جو ڪردار رڪارڊ ڪيو پيو وڃي،ڌمڪيون گهڻو وقت نه هلنديون.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن کي خطاب ڪندي جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته هن 2007 ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو، عدليه جي بحالي کانپوءِ بار ۽ بينچ جو لاڳاپو وڌيڪ مضبوط ٿيو. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ موثر طريقيڪار هجڻ گهرجي، جوڊيشل ڪميشن ۾ جونيئرز جي مقرري بار ۽ وڪيلن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو معاملو آهي، بينچن جو قيام ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي شفاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته حساس ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ آزاد جج هجڻ گهرجن ۽ ججن کي وڪيلن سان نرمي سان پيش اچڻ گهرجي. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ملڪ انتهائي نازڪ صورتحال ۾ آهي، ڪو به طاقتور ناهي، آئين، قانون ۽ پارليامينٽ طاقتور آهي. هن چيو ته اسان 70 سالن کان تجربا ڪري رهيا آهيون پر جيڪڏهن اسان تبديلي نه ڪئي ته ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو