پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ افغانستان سان ڳالهيون ضروري آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته فيڊريشن نه ته پاڻ افغانستان سان ڳالهائي رهي آهي ۽ نه ئي اسان کي ڳالهائڻ ڏئي رهي آهي. فيڊريشن افغانستان سان ڳالهين لاءِ طئي ٿيل ٽي او آرز کي ٿڌي جاءِ تي رکي ڇڏيو آهي.بئريسٽر سيف چيو ته وفاقي حڪومت کي تماشو ڏسڻ بدران دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو ۽ سيڪيورٽي فورسز قربانيون ڏئي رهيون آهن.هن چيو ته دهشتگردي صرف ڪي پي ڪي جو مسئلو ناهي پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، دهشتگردي جي قومي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد ضروري آهي. بئريسٽر سيف اهو به چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سطح تي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. ڪي پي حڪومت دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي.










