ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي خوراڪ واري صوبائي وزير عبدالجبار خان جو ڪوٽڙي ۾ ڪڻڪ جي گودام جو اوچتو دورو ڪيو، خوراڪ واري وزير پاڻ ڪڻڪ جي نمونن جو تفصيلي معائنو ڪيو، عبدالجبار خان دوري دوران چيو ته خوراڪ کاتي کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي اولين ترجيح آهي،وقت جي ضرورت آهي ته فرض شناس، بي داغ ۽ قابل آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪري کين اڳتي آندو وڃي،ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ اناج جي کوٽ کي فوري طور تي دور ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي،اڳ ۾ ئي باردانه جي وافر مقدار ۾ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن ڀيري نه رڳو ڪڻڪ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پر حڪومت ۽ هارين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ مان پاڻ ميدان ۾ آهيان.










