اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز به خود ساخته جلاوطني ختم ڪري وطن واپس پهچي ويو آهي.سليمان شهباز 1.30 وڳي پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو.سليمان شهباز برطانيا کان سعودي عرب ذريعي پاڪستان پهتو.وزيراعظم هائوس پهچڻ تي پيءُ شهباز شريف پٽ جو گلن جا هار پارائي استقبال ڪيو.










