لاڙڪاڻو(سنڌيار) ڳڙهي خدا بخش بينظير جي ورسي تي پي ڊي ايم جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ڌرتي تي اچي سنڌي ۾ تقرير ڪندس. هن سنڌ جي ثقافت ۽ مهمان نوازي جي تعريف ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي مٺي ٻولي چيو. هن بلوچستان وارن جو ٻيو گهر سنڌ کي چيو . هن چيو ته بينظيرڀٽو پنهنجي سڄي زندگي عوام ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ جدوجهد ڪئي هن چيو ته جنهن آمرن جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير شهيد کي شهيد ڪيو ڇا اهي آمر ڪنهن ٻاهرين ملڪ کان آيا هئا هن ملڪ جي جنرلن عوامي ليڊرن کي شهيد ڪيو آئين ٽوڙيو ۽ عوام تي ظلم ڪيو. جنهن ملڪ جي خلاف اوهان جي دشمني آهي ان جي هڪ انچ به زمين قبضي نه ڪئي آهي الٽو پنهنجي زمين قبضو ڪرائي آهي هن فوجين کي شيطاني مخلوق چيو. هن چيو ته توهان جي ان رويي بنگلاديش پيدا ڪيو ۽ الزام بنگالين تي آهي پر ان جا زميوار فوجي آهن هن چيو ته گوادر کي تار لڳائي وئي آهي اها تار اسلام آباد کي لڳائن گهرجي جتي وزير اعظم کي خطرو آهي هن جزيرن جو مسئلو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ چيو.










