سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جهانگڙو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ناڪابندي دوران اڻڄاتل جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ نامعلوم ڏوهاري مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ عرفان خروس طور ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مارجي ويل ڏوهاري جي واقعي کان پوءِ جڏهن هن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته هو سنڌ جي اندر وڏين وارداتن ۾ ملوث نڪتو، عرفان خروس اغوا، ڦرلٽ، ڌاڙن، چورين، گاڏيون ڦرڻ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هو، هن چيو ته 2014 ۾ هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اطهر عباس جي اغوا ۾ به عرفان ۽ هن جا ڀائر شامل آهن، ان کان علاوه، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپور خاص ۾ هن جي خلاف 27 ايف آءِ آرز ڪٽيل آهن، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هن واقعي کي الڳ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ کيس معصوم شاگرد ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڏوهاري کي بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي هن کي ٽرينڊ ڪيو ويو، 27 ايف آءِ آر هجڻ باوجو وڏي ڏوهاري کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميه سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هنن مون کي ٻڌايو ته هي شاگرد نه هو، پر جيڪڏهن ڪو شاگرد هجي ۽ هو ڏوهاري هجي ته ڇا ان کي ڇڏي ڏجي؟ هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ شخص حيدرآباد مان گرفتار ٿئي ۽ ٻئي ضلعي ۾ ان کي ماريو وڃي، اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري هن جو معصوم چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته اسان جاچ ڪئي آهي ته هن جا ڀائر ساجد ۽ ٻيا به ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ جن ماڻهن کي هن اغوا ڪيو ۽ لُٽيو ڇا اهي اسان جا ماڻهو نه آهن، پوليس جو ڪم آهي سڀني کي تحفظ ڏيڻ. ياد رهي ته فوتي عرفان خروس (جتوئي) جي وارثن جو چوڻ آهي ته هن کي گرفتار ڪري ڳري رشوت گهري وئي. اسين 14 لک ڀريا پر پوءِ به هنن کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. سول سوسائٽي احتجاج ان بنياد تي پئي ڪري ته ڀلي 27 ڪيسن ۾ گهربل هو پر ڇا اهو جواز ڪنهن کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي؟ياد رهي ته آءِ جي سنڌ ٽن پوليس آفيسرن تي مشتمل جاچ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي جميل احمد، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ذوالفقار لاڙڪ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد امجد شيخ شامل آهن.










