ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري والدين، استادن، عالمن، معزز ماڻهن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پوليو خلاف مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پيغام شيئر ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته قومي پوليو مهم 26 مئي کان 1 جون تائين سڄي ملڪ ۾ جاري رهندي. هن قومي مهم جو حصو بڻجو ۽ پوليو کان پاڪ مستقبل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.آصفه ڀٽو زرداري چوي ٿي ته پوليو خلاف مهم جو مقصد پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن 45.4 ملين ٻارن کي هڪ موتمار بيماري کان بچائڻ آهي.هوءَ اهو به چوي ٿي ته چار لک کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا ته جيئن ڪو به ٻار هن حفاظتي عمل کان محروم نه رهي.ياد رکڻ گهرجي ته اڄ کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، 7 ڏينهن جي پوليو مخالف مهم پهرين جون تائين جاري رهندي.ايمرجنسي آپريشن سينٽر چيو ته پوليو مخالف مهم دوران، 80,000 کان وڌيڪ تربيت يافته پوليو ورڪر سڄي سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا.










