خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم عوام کي غلامي مان نجات ڏياري: صدر

خاتم النبيين صلي الله عليه وسلم عوام کي غلامي مان نجات ڏياري: صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 12 ربيع الاول جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪاميابي نبي ڪريم صه جي تعليمات کي منور ڪرڻ ۾ آهي. صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ ملڪ ۽ عالم اسلام کي 12 ربيع الاول جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد انسانيت جي مصيبتن جي شفاء جو واعدو آهي، انسانيت ظهور جي انتظار ۾ آهي. خاتم النبيين صلي الله عليه وآله وسلم جن انسانن کي انسانن جي غلامي مان آزاد ڪيو.ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان سماج، قوم ۽ ملڪ ۾ امن، ڀائيچاري، سالميت ۽ ترقي چاهيون ٿا ته اسان کي ان مثالي معاشري جي اعليٰ قدرن کي اپنائڻو پوندو جنهن جو بنياد نبي ڪريم ﷺ جن رکيو. هن اهو به چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي مبارڪ تعليمات کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ مشعل راهه طور استعمال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

پهنجو تبصرو موڪليو