ميرپورماٿيلو( رپورٽ ظھير وسير )سنڌ حڪومت صرف ساڍا 4 روپيه في ايڪڙ ٻيلن جي سارسنڀار لاء ماھوار بجيٽ ڏيئي ٿي،جنھن بجيٽ تي خالي ڪيل ٻيلا آباد نه ٿا ڪري سگھون،ان لاء سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي ٻيلن لاء اضافي ۽ خصوصي فنڊر جاري ڪيا وڃن،سپريم ڪورٽ سميت اعلي عدالتن جي ڏنل فيصلي مطابق ٻيلن تان قبضا ختم ڪرايون پيا،سال 2021 کي ٻيلن ۽ وڻن جو سال قرار ڏنو آھي،گھوٽڪي جي جروار ٻيلي کي ماڊل ٻيلو ۽ پارڪ طور ٺاھيو ويندو ته جيئن محسوس ٿيئي ته مالڪي آھي،اھڙن خيالن جو اظھار چيف ڪنزرويٽر سنڌ قاضي عبدالجبار ميرپورماٿيلو ۾ گھوٽڪي ضلعي جي ميرپور ٻيلي ۽ وسير ٻيلي سميت ٻين ٻيلن جي دوري دوران ڪيو ان موقعي تي ھن ڊي ايف او گھوٽڪي عابد جتوئي کان تفصيلي بريفنگ ورتي،ڪنزرويٽر سکر محمد سليم وسطڙو به موجود ھو، ٻيلن مٿان ٿيل بااثرن جا قبضا ۽ غيرقانوني الاٽمنٽ رد ڪري زمينون تحويل ۾ وٺڻ جي ڊي ايف او گھوٽڪي کي ھدايت پڻ ڪئي،چيف ڪنزرويٽر صحافين پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته گھوٽڪي جي ٻيلن تان قبضا ختم ڪيا ويا آھن،اٽي ۾ لوڻ برابر قبضا ۽ غيرقانوني الاٽمنٽ جا مسئلا آھن،جيڪي جلد ختم ڪرائي زيرو انڪروچمنٽ ڪرايو ويندو،ڪنزرويٽر سکر ۽ ڊي ايف او گھوٽڪي جي ٻيلا بچائڻ بابت ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن،پڇيل سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته جوڊيشري،پوليس،روينيو ۽ فاريسٽ جي عملدارن سميت ٻين تي مشتمل ويجيلينس ڪاميٽي ٺھيل آھي جنھن کي بس فعال ڪرڻو آھي،چيف قاضي جبار چيو ته سکر ٻيلي (گھوٽڪي ڪچي) جي ٻيلن تي ٿيل انڪروچمنٽ بابت ڊي ايف او سکر کان بريفنگ وٺي اھي قبضا به جلد ختم ڪرايا ويندا،ھن وڌيڪ چيو ته سڀ ادارا سپورٽ پيا ڪن،ھاڻ عوام کي جاڳڻو پوندو ۽ پنھنجن ٻيلن جي مالڪي ڪرڻي پوندي،ھن چيو ته انڊس ڊولپمنٽ جي چيئرمين زين دائودپوٽو پاران ٺاھيل ٻيلا بچايو ڪاميٽين مان مطمئن آھيان،اھي ڪاميٽيون ٻيلن جي مالڪي ڪن پيون،ھن چيو ته نقصان ۾ ملوث فاريسٽ جي عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي،جروار ٻيلي ۾ واھن جي کاٽي ڪرائي ويندي مال جي ڀيل کي ختم ڪرايو ويندو ۽جروار سميت ضلعي جي ٻيلن ۾ پوکيل ننڍن وڻن کي مڪمل طور بچايو ويندو،ان موقعي تي چيف ڪنزرويٽر گھوٽڪي جي ٻيلن لاء اضافي فنڊز ڏيڻ ۽ وڻ پوکڻ لاء نرسريون قائم ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو.










