اسڪردو( ڊيسڪ نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پهرين هڪ سال جي حڪومتي دور ۾ پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت برباد ٿي وئي آهي. اسڪردو ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هڪ طرف ملڪ جي معيشت عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي وئي ته ٻئي طرف وزيراعظم جي نااهلي جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان سفارتي محاذ تي اڪيلو ٿي ويو آهي. هن چيو ته هڪ طرف هاري، مزدور ۽ ڪاروباري طبقي لاءِ مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو ته ٻئي طرف ڀارتي جارحيت جي خلاف ڪوبه اسان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. بلاول ڀٽو چيو ته هاڻوڪين حالتن ۾ هر شهري پريشان آهي، غريب ٻن وقتن جي ماني لاءِ پريشان آهي ۽ حڪومت عوام کان ماني به کسي ورتي آهي، هاري پريشان آهي ته سندس تيار فصل جو ملهه ملندو يا نه. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واعدا ڪيا پر واعدا ڪوڙ تي ٻڌل هجن ته پاڙڻ ڏکيا هوندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا، هن قرض وٺڻ تي خودڪشي جو چيو ۽ عمران خان نه صرف قرض ورتو پر اسان جي پنجن سالن واري حڪومت ۾ ورتل گڏيل قرض کان وڌيڪ قرض ورتو. عمران خان پاران هڪ ڪروڙ نوڪري ڏيڻ پري جي ڳالهه جنهن وٽ روزگار ۽ نوڪري هئي اها به کسي ورتي، حددخلين جي نالي تي ماڻهن کي ڇت کان محروم ڪيو ويو. هن ڊالر جي قدر ۾ واڌ تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو ٻنايو، هن جو چوڻ هو ته عمران خان اقتدار جي حاصلات کان اڳ حڪومت ۾ اچڻ تي ڊالر جي برسات جي دعويٰ ڪئي هئي جڏهن ته هاڻ آمريڪي ڪرنسي جي برسات ته پري جي ڳالهه مارڪيٽ ۾ ڊالر غائب آهي ۽ صرف هڪ سال ۾ ڊالر جي قدر ۾ 60 روپين تائين جي واڌ ٿي وئي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي اقتداري دور ۾ انصاف ۽ احتساب جو واعدو ڪيوهو پر اهو ڪهڙو هڪ طرفو احتساب آهي جو سموري اپوزيشن جيل ۾ ۽ عمران خان جا ڪرپٽ ساٿي ڪابينا جو حصو آهن ۽ ان جي خلاف جي آءِ ٽي ۽ نه ئي نيب آهي. هن جو چوڻ هو ته 30 ارب روپين جي ماليت سان تيار ٿيندڙ پشاور ميٽرو تي هاڻ 100 ارب روپين جي لاڳت اچي چڪي آهي پر ڪو پڇڻ وارو ناهي. هن الزام مڙهيو ته مالم جبا جي ڪرپشن فائل سردخاني جي ور چڙهي وئي ڇو ته ان ۾ وزيراعظم جي ڪابينا جي ماڻهن جا نالا شامل آهن. پ پ چيئرمين چيو ته رينٽل پاور ڪيس ۾ عالمي عدالت جو فيصلو اسان جي عدالتي نظام جي منهن تي چماٽ ناهي؟ عالمي عدالتن اوهان جي ڳالهه ڇو نه ٻڌي؟، هن جو چوڻ هو ته 6 ارب ڊالر جو ڏنڊ عالمي عدالت ۾ جمع ڪرائڻو آهي، عالمي عدالت ۾ ناڪامي نيب گردي ۽ سياسي فيصلن جو انجام آهي. هن والاريل ڪشمير بابت سوال اٿاريندي چيو ته ڇا والاريل ڪشمير تي سوديبازي ته نه ٿيندي؟، اهو ڪشمير جنهن جي باري ۾ قائداعظم چيو ته اها اسان جي ساهه واري رڳ آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير لاءِ هزار سال به وڙهڻو پيو ته وڙهنداسين. بلاول ڀٽو چيو ته هنن مٿانهن جبلن، گلگت بلتستان جي عوام کي شاهد بڻائي واعدو ڪريان ٿو ته جناح جي خواب، ڀٽو جي واعدي سان غداري نه ڪندس، ڪابه سوديبازي ٿيڻ نه ڏيندس. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين پاران مودي کي تنقيد ڪندي چيو ته گجرات ۾ مسلمانن جو قاتل هاڻ ڪشميرين کي قتل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تاريخ مودي کي صرف قاتل جي طور تي ياد رکندي، مودي ٻيو ڇڏي صرف سري نگر ۾ گهڙي ڏيکاري پنهنجي حيثيت ڄاڻي ويندو. بلاول دعويٰ ڪئي ته ڪشمير جي ريفرنڊم ۾ ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽو کي ووٽ ڏيندا، هن مطالبو ڪيو ته ڀارت ڪشميري اسير اڳواڻن کي آزاد ڪري، احتجاج ڪرڻ سندن حق آهي.










