حڪومت جو آخري هفتو شروع، ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن:فواد

حڪومت جو آخري هفتو شروع، ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن:فواد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ عام چونڊن طرف وڌي رهيو آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ عام چونڊن طرف وڌي رهيو آهي.فواد چوڌري لکيو ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جهڙيون سازشون ناڪام ٿينديون، عمران خان عام چونڊن جي نتيجي ۾ مستحڪم حڪومت ٺاهيندو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته موجوده حڪومت جا آخري هفتا شروع ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو