حڪومت بجلي سستي نه ڪري عوام جي جذبات سان کيڏي پئي

حڪومت بجلي سستي نه ڪري عوام جي جذبات سان کيڏي پئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته حڪومت بجلي سستي نه ڪري عوام جي جذبات سان کيڏي رهي آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي، تيل ۽ گئس جون قيمتون فوري طور تي گهٽ ڪيون وڃن.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي خودمختياري تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.هو اهو به چوي ٿو ته خط لکڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي، ۽ سياسي بحرانن جو حل سياسي ڳالهين ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو