حيدرآباد، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت

حيدرآباد، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد ۾ شادي جي گهر ۾ ھڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي، بجلي جي يارنهن هزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽي معصوم ٻار پنھنجي حياتي وڃائي ويٺا.حيدرآباد ۾ گھر جي ڇت تي ستل ٽي ٻار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا، واقعو سب ڊويزن ڦليلي ٽنڊو طيب ۾ پيش آيو آھي.پوليس موجب شادي جي تقريب ۾ آيل مھمان ڇت تي 11 ھزار جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا، ٽئي ٻار شھداد پور کان حيدرآباد ۾ شادي جي تقريب ۾ آيل ھئا، فوتين ۾ 14 ورھين جو عبدالرحمٰن ولد ڪامران، 10 ورھين جو فرحان ولد فيروز ۽ 12 ورھين جو نويد ولد فيروز شامل آھن.فوت ٿي ويل ٻارن ۾ ٻه سڳا ڀائر شامل آھن، فوتين جا لاش ڇت تان لاٿا ويا آھن، واقعي کان پوءِ شادي واري گهر ۾ ماتم شروع ٿي ويو آهي، رشتيدارن ۽ شهرين ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي۔ اھڙو اطلاع گهر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو