حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

حب (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. حب جي علائقي دارو هوٽل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 ورهين جو عطا محمد ۽ 40 ورهين عزيز الله ٿڏي تي قتل ٿي ويا. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. عزيز الله ۽ عطا محمد جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته دارو هوٽل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو