ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ محتشم رشيد جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، کين مبارڪباد ڏيان ٿو.محتشم رشيد چيو ته اسان جيڪا تياري ڪئي هئي ان موجب نه کيڏيو، ورلڊ چيمپيئن شپ جا پوائنٽس اهم هئا جيڪي حاصل نه ڪري سگهياسين.هن چيو ته ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ طوبا حسن تمام سٺي بالنگ ڪئي ۽ بيٽنگ ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا،محتشم رشيد چيو ته اسان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري ڪري رهيا آهيون، ورلڊ ڪپ کان اڳ سمورن رانديگرن کي موقعو ڏئي سٺي ٽيم تيار ڪرڻي آهي، اسان جون نظرون ترقي تي آهن، نئين رانديگرن کي موقعو ڏينداسين ته هو پاڻ کي ثابت ڪن.وومين ٽيم جي عبوري هيڊ ڪوچ چيو ته عائشه ظفر، گل فيروزه، رمان شميم سٺو کيڏي رهيا آهن، ٽي 20 ۾ اسان جو سٺو رڪارڊ آهي، سيريز ۾ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ ايندي.هن چيو ته هو انگلينڊ کي پنهنجي گهر تي کيڏي رهيا آهن ان ڪري ايندڙ سيريز تمام اهم آهي، انگلينڊ خلاف پوائنٽس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
سرگوڌا توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 500 ڄڻا نامزد
مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽ شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
جيڪب آباد ۾ جيل جا 2 قيدي روشن دان ٽوڙي فرار
سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي
اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار
فخر ۽ مان ڪجهه وڌيڪ اوور کيڏيون ها ته نتيجو مختلف هجي ها: بابر
ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟
سنڌيار ڪراچي 26 مئي 2024
سنڌيار سکر 26 مئي 2024
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي