جيڪو ڪم نيتن ياهو نه ڪيو هاڻ امن بورڊ ذريعي ٿيندو

جيڪو ڪم نيتن ياهو نه ڪيو هاڻ امن بورڊ ذريعي ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)غزه امن بورڊ جي شموليت تي اپوزيشن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ احتجاج ڪيو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو ته جيڪو ڪم نيتن ياهو نه ڪري سگهيو اهو هاڻي امن بورڊ جي نالي تي شروع ٿي چڪو آهي.هن چيو ته اسان اتفاق راءِ کان سواءِ امن بورڊ جو حصو بڻياسين. اسان کي خبر ناهي ته امن بورڊ جا نقطا ڇا آهن ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي جارحيت کي مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ حماس کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان هڪ اهڙي فورم تي وڃي رهيا آهيون جيڪو ڌمڪين سان شروع ٿئي ٿو.هن چيو ته وزيراعظم امن بورڊ ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي بابت پارليامينٽ ۽ ڪابينا کي اعتماد ۾ نه ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو