اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان زرداري هائوس ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، فرانس جي سفير نڪولس گالي ۽ آمريڪي چارج ڊي افيئرزنٽالي اي بيڪر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. پيپلزپارٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ بڌايو ويو آهي ته بلاول ڀٽو اهم ملڪن جي سفارتڪارن سان گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفو واپار وڌائڻ ۽ خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي وچ ۾ ملاقات ۾ پي پي پي پي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پڻ موجود هئا.










