جيجي  حورالنساءُ پليجو جنگشاھي ۾ مٽي ماءُ حوالي

جيجي حورالنساءُ پليجو جنگشاھي ۾ مٽي ماءُ حوالي

ٺٽو(ن س)سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي لاڏاڻو ڪري ويل ڀيڻ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر متحرڪ عورت سياسي شخصيت حورالنساءُ پليجو جي جنازي نماز جنگشاهي لڳ ڳوٺ مُنگر خان پليجو ۾ ادا ڪئي وئي مقامي قبرستان ۾ سندس تدفين واريون رسمون ادا ڪيون ويون ڪراچي ۾ گذريل رات لاڏاڻو ڪري ويل رسول بخش پليجو ۽ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو جي ڀيڻ اياز لطيف پليجو ۽ سسئي پليجو جي پڦي ڊاڪٽر نعيم پليجو ۽ سلطان پليجو جي والده حورالنساءُ پليجو ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن جو مڙھ جنگشاهي لڳ سندس اباڻي ڳوٺ مُنگر خان پليجو منتقل ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار غلام قادر پليجو سسئي پليجو اياز لطيف پليجو سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت مختلف سياسي سماجي شخصيتن شھرين توڙي مختلف برادرين جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مختلف سياسي شخصيتن حورالنساءُ پليجو جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظھار ڪندي سندس سياسي علمي جدوجهد تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو آھي عوامي تحريڪ پاران حورالنساءُ پليجو جي وفات تي 3 ڏينهن سنڌ ۾ سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو