جيترا گهڻا فالوورز اوترو گهڻو فائدو، اهم فيچر متعارف

جيترا گهڻا فالوورز اوترو گهڻو فائدو، اهم فيچر متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا ٽيلي گرام چئنلز جهڙو فيچر انسٽاگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ انسٽاگرام لاءِ براڊ ڪاسٽ چئنلز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن اِهو اعلان انسٽاگرام تي هڪ نئين براڊ ڪاسٽ چئنل تي ڪيو.ان فارميٽ ذريعي واهپيدار پنهنجن فالوورز سان پيغامن ۽ اَپ ڊيٽ هڪ ئي جڳهه تي شيئر ڪري سگهندا، پر فالوورز انهن چئنلز تي ڪجهه پوسٽ نه ڪري سگهندا، جڏهن ته پوسٽن تي ايموجي ذريعي ري ايڪشن ظاهر ڪري سگهندا يا پاولزپرووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا.رپورٽس موجب چئنل جو نالو ميٽا چئنل رکيو ويو آهي، هن وقت اِهو ميچر محدود واهپيدارن کي دستياب آهي، ايندڙ مهينن دوران ميسنجر ۽ فيس بُڪ تي پڻ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويندو.جن ماڻهن وٽ اِهو فيچر شو ٿي رهيو آهي اُهي انسٽاگرام اِن باڪس ذريعي هڪ چئنل ٺاهي سگهن ٿا، جڏهن ته تمام جلد چئنل لنڪ کي پروفائيل ۾ پِن ڪرڻ ممڪن هوندو.هي اهڙن واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جن جي فالوورز جو انگ تمام گهڻو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو