عمرڪوٽ(ن س)جھونو سياستدان چوٿين مارچ جو ھيرو اڳوڻو وفاقي وزير ۽ موجوده پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو ، نواب تيمور ٽالپر جي پي ايس پنھنجي سوشل ميڊيا وال تان لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي، نواب يوسف ٽالپر مختصر علالت سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيو، نواب يوسف ٽالپر جھونو سياستدان پ پ پ جو سينيئر اڳواڻ هو،نواب يوسف ٽالپر 6 ڀيرا ايم اين اي رهيو سندس مڙھ ڪنري آندو ويندو، نواب محمد يوسف ٽالپر عمرڪوٽ واري اڪيلي قومي اسيمبلي سيٽ تان پ پ جو ايم اين اي چونڊجندو رھيو آھي، پ پ دور ۾ زراعت جو وفاقي وزير رھيو ، سنڌ جي پاڻي ۽ زارعت بابت وڏي ڄاڻ حاصل ھئي ارسا ائڪٽ ۽ اين ايف سي معاملن تي کيس عبور حاصل رھيو،پ پ جي سي اي سي ڪميٽي جو ميمبر رھيو مخدوم شاھ محمود قريشي کي به عمرڪوٽ مان شڪست ڏئي چڪو، نواب يوسف ٽالپر جي جنازي نماز مانجھاڪر اباڻي ڳوٺ ۾ نماز ظھر بعد ادا ڪئي ويندي،نواب يوسف ٽالپر 15 جنوري 1943ع تي نواب پير بخش ٽالپر جي گهر جنم ورتو،اسيمبلي فلور تي سنڌ جي پاڻي مسئلي تي ڀرپور آواز اٿاريو










