جنيوا ڪانفرنس ۾ همدردي ڏسي مان متاثر ٿيس: شهباز شريف

جنيوا(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ بيان ڪيل همدردي مان متاثر ٿيو آهيان، گڏجي نئين سر تعمير ڪنداسين.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪالهه دنيا ڏٺو ته انسانيت جي ڏک ۾ قومون ڪيئن گڏ ٿيون.هن چيو ته عالمي برادري جنيوا ڪانفرنس ۾ پارٽنرشپ جو بي مثال نمونو پيش ڪيو، جيڪو گڏيل ڪوششن سان زندگي ۽ اميد کي بحال ڪندو.وزيراعظم چيو آهي ته ڪانفرنس جي ڪاميابي تي مملڪتي سربراهن، يورپي يونين، ترقياتي ڀائيوارن ۽ گڏيل قومن جا ٿورائتا آهيون.هن اهو به چيو ته پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي شاندار ڪردار تي هميشه شڪر گذار رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو