اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر جنسي هراساني ڪيس ۾ وفاقي محتسب انسداد هراساني جو فيصلو برقرار رکيو آهي.صدر جنسي هراساني ڪيس ۾ ڊي جي پيمرا کي برطرف ڪرڻ ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.صدر وفاقي محتسب اينٽي هارسمينٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي ڊي جي پيمرا جي سزا کي برقرار رکيو ۽ ڏنڊ 20 لک مان وڌائي 25 لک رپيا ڪيو.مملڪتي صدر چيو ته اهو ثابت ٿي ويو آهي ته عورت ملازم کي زباني، فحش، توهين آميز تبصرن ۽ غير قانوني مطالبن ذريعي حراسان ڪيو ويو، جڏهن اهڙا ڪيس ثابت ٿين ٿا ته هو قانون جي پوري طاقت استعمال ڪن ٿا.صدر وڌيڪ چيو ته عورتن لاءِ محفوظ ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن، عورتن جي معاشي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اهڙا قدم ضروري آهن جيڪي هراسان ٿيڻ جي خوف سبب دٻجي وڃن ٿيون.










