جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 5 ڊاڪٽر زخمي

جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 5 ڊاڪٽر زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ نوجوان ڊاڪٽرن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ پنج ڊاڪٽر زخمي ٿي پيا، اسپتال جي عملدارن موجب نوجوان ڊاڪٽرن جي هڪ گروپ او پي ڊي کوليو، جڏهن ته ٻئي ان کي بند ڪري ڇڏيو، آفيسرن چيو ته هڪ وائي ڊي اي گروپ گذريل هفتي تيماردارن پاران ڊاڪٽرن تي تشدد خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي.اسپتال جي عملدارن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.آفيسرن چيو ته او پي ڊي کوليون ويون آهن ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن کي پوليس کڻي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو