اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جسٽس عامر فاروق کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي ۽ موجوده چيف جسٽس اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش ڪئي وئي آهي.










