جسم پاران منشيات۽ سماجي براين خلاف احتجاجي مظاهرو

جسم پاران منشيات۽ سماجي براين خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ مظفر علي بروهي )ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ محاذ  پاران منشيات۽ سماجي براين خلاف پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان اڳيان احتجاجي مظاهرو مظاهرين جي هٿن  ۾ بينر ۽ جهنڊا کنيل هئا جيڪي منشيات فروشن خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي جسم جي ضلعي صدر ۽ ٻين چيو ته اسان مسلسل منشيات ۽ سماجي براين خلاف تحريڪ هلائي رهيا آھيو پر انتظاميا جي ڪن تي جونئن به نٿي سري منشيات بند ڪرائيڻ بدران سرعام ويڪرو ٿي رهي آھي ضلعي پوليس منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آھي منشيات فروشن کان  لکين روپياهفتيوار  اوڳاڙي پوليس ڪري رهي آھي انهن وڌيڪ چيو ته اسان خبردار ٿا ڪريون ٽنڊو محمد خان پوليس سميت ايڪسائيز کاتي سي آئي اي پوليس کي ته منشيات فروش دستي سميت ٻين مين پوڙي آئيس ھيروئين سفينا ڪچو شراب گھٽڪو آفيم چرس آڪڙا پرچي ڀنگ ڊيلرن کي گرفتار ڪيو وڃي وائين شاپ کي بند ڪيو وڃي ۽ منشيات  کان ٽنڊومحمدخان ضلعي کي آجو ڪيو وڃي اگر 24 ڪلاڪن جي اندر عمل نه ٿيو ته جيئي سنڌ محاذ طرفان 19 مارچ تي 100 ڪلاڪن جي بک ھڙتال ڪئي ويندي منشيات جي خاتمي تائين جھدوجھد جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو