لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته ججن جي طاقت ۽ فيصلن سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو.”اسان جا سياستدان پاڪستان جو اصل مسئلو آهن“ الحمرا هال لاهور ۾ منعقد ٿيل ٿنڪ فيسٽ جي آخري ڏينهن جي ٻئي سيشن جو موضوع هو، جنهن کي مختلف سياستدانن خطاب ڪيو.خطاب دوران وزيراعظم جي صلاحڪار ملڪ احمد خان چيو ته اسان کي عظيم قومي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي، فوجي آفيسرن ۽ ججن کي به گڏ ويهڻ گهرجي، سياستدان ووٽ وٺڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ ويهندا آهن، تنهن ڪري انهن کان وڌيڪ ذميواري نه پڇي.هن چيو ته پهريان مون کي باجوه صاحب تي شڪ هو، هاڻي عمران خان جو آهي.










