جتي به لفظ ڊي جي نظر اچي ٿو الله کيس بچائي: جسٽس عيسيٰ

جتي به لفظ ڊي جي نظر اچي ٿو الله کيس بچائي: جسٽس عيسيٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جتي به لفظ ڊي جي اچي ٿو، الله نه ڪري، آفيسر بغير تياري جي عدالت ۾ ڇو اچن ٿا؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين بابت ڪيس ۾ ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس کي طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته آفيسر تياري کانسواءِ عدالت ۾ ڇو اچن ٿا؟ ڪنهن کي خبر ناهي ته گاڏي ڪسٽم وٽ آهي يا ڇڏيل آهي. جسٽس فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد جو سڀ کان وڏو ڪسٽم آفيسر ڪير آهي؟ ڪسٽم جي وڪيل جواب ڏنو ته ڊي جي ڪسٽم وڏي پوسٽ آهي.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته جتي به لفظ ڊي جي اچي ٿو، خدا نه ڪري، هي نان ڪسٽم گاڏيون ملڪ ۾ ڪيئن آيون؟ ڪير پنهنجي کيسي ۾ ڪارون آڻيندو؟ڪسٽم جي وڪيل چيو ته عدالت جي حڪم تي عمل ڪنداسين. جسٽس فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري احسان نه ڪنداسين، آئيني طور هرڪو سپريم ڪورٽ جي حڪم جو پابند آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اوهان يا اوهان جا آفيسر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندا ته شڪرگذار ٿيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو