مديجي(ن س) مديجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراني تڪرار تان هٿياربندن رستي ويندڙ مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ اربيلو پٽ سرور جتوئي ۽ حڪيم پٽ وڌايو جتوئي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا،قتل ٿي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي، علائقي واسين موجب جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ هيو جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي، پوليس موقف ڏيندي ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي.










