توشه خانا ڪيس،عمران خان ذاتي حيثيت ۾ طلب

توشه خانا ڪيس،عمران خان ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي اڱاري 11 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.جج ظفر اقبال عمران خان کي 8:30 وڳي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو. عدالت طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. توشه خانه ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست تي عمران خان کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.عدالت ڪوهسار ٿاڻي جي جاچ آفيسر کي مڪمل رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو