لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ ملڪي معيشت بابت وائيٽ پيپر جاري ڪندي.اهڙو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انهن 8 مهينن ۾ ملڪي معيشت جي تباهي کانپوءِ امپورٽ ٿيل حڪومت پنهنجي احمقانه پاليسي سان دهشتگردي کي به مسلط ڪري رهي آهي.اڳوڻي وفاقي وزير پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو به چوڻ آهي ته حڪمران پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن.










