حيدر آباد ( رپورٽر) حيدرآباد۾ نامياري اديب تاج جويو جي گهر تي پوليس چڙهائي، سندس 2 پٽ گرفتارڪيا ويا آھن سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد ۾ نڪتل ريلي کانپوءِ حيدرآباد پوليس سنڌين نيشنل ڪانگريس جي 8 اڳواڻ سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم مردن خلاف ڪيس داخل ڪري گذريل رات دير سان سنڌ جي نامياري دانشور اديب تاج جويو جي گھر تي ڇاپو ھڻي سندس ٻن پٽن کي گرفتار ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سڳوري تاج جويو جي پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال خلاف ڪڍڻ خلاف گذريل ڏينھن اسٽيٽ بينڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ عورتن سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، جنھن خلاف گذريل رات دير سان پوليس جي فرياد تي ڪينٽ ٿاڻي تي سنڌين نيشنل ڪانگريس سميت مختلف قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، سارنگ جويو، غني امان چانڊيو، سھڻي جويو، امتياز ميراڻي، مزمل احمد ڳاھو، ديدار علي چانڊيو، شبير لغاري سميت 40 عورتن ۽ 250 نامعلوم ماڻھن خلاف دھشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ريلي ۾ ملڪ جي جھنڊي جي بي حرمتي ڪئي وئي آھي ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ لڳل بينر ۽ پوسٽر ڦاڙيا ويا آھن ۽ رياست مخالف نعريبازي ڪِئي وئي. جڏھن ته گذريل رات دير سان حيدرآباد پوليس جي نامياري اديب ۽ دانشور تاج جي گھر تي چڙھاِئي ڪري سندس ٻن پٽن روپلو جويو ۽ ھوشو جويو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، جن کي بعد ۾ سندن گرفتاري ظاھر ڪري دھشتگردي جي انت آڻڻ واري خاص عدالت پيش ڪيو، جتي عدالت سموري ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جڏهن سنڌين گانگريز جي ڪانگريز جي چيف آرگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد چيو ته سنڌين نيشنل ڪانگريز پرامن جدوجهد ۾ يقين رکي ٿي اسان جا ڪارڪنن پرامن هئا اهڙن الزامن کي رد ڪيون ٿاانھي حوالي سان معلوم ٿيو آھي تھ تاج جويو موجب پوليس جون 25 کان 30 موبائيلون 150کان 200 ڪمانڊو ۽ ڪجھ سول ڪپڙن ۾ چوڌيواري تقدس پائمال ڪري گھر جا دروازا ٽوڙي تشدد ڪيو تشدد ڪندي منھنجي پٽن کي کڻي ويا آھن پوليس رات جي اونداهيءَ ۾ گهر تي ڪاهه ڪئي، پٽن کي بازياب ڪرايو وڃي.منھنجي پٽن کي ڪجھھ بھ ٿيو اھي ايس ايڇ او قاسم اباد،ايس ايس پي ڊي آءِ جي حيدرآباد آءِ جي سنڌخلاف عدالت ۾ ويندس، تاج جويو چيو آھي تھ پوليس ڪمانڊو اھڙي ريت گھر ۾ داخل ٿي گھيرواءُ ڪيو ويو ڄڻ مان ڪو دهشتگرد هجان:منھنجي پٽن کي بنا قميصن جي کڻي ويا اھن منھنجي بھ قميص نشاني طور کڻي ويا آھن صحافتي رابطي تي ڳالھيون ڪندي پٽن جي گرفتارين جي تصديق ڪئي آھي جڏھن تھرات قاسم آباد مان گرفتار ٿيل روپلو جويو ۽ هوشو جوي کي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي وڪيل سميت تاج جويو امداد چانڊيو ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي گلشير ڪوريجو حليم جمالي شنڪر سنڌيڪينٽ ٿاڻي تي نوجوانن انتظار ڪندي رھيا ۽ عدالت انھي سلسلي ۾ خاص حڪم ڏڻ جاري ڪيو تھ اطلاع آھن ٽن ڏينھن جي عداڪتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آھي جڏھن وڪيل اندرجيت لوھاڻو موقف پيش ڪيو تھ ٻنھين ڄڻن جا نالا ايف آءِ آر م شامل ٿيل ناھن جن کي رات جو گلستان سجاد واري گھر مان درجا تالاڀڃي گرفتار ڪيو ويو آھي،جڏھن پوليس موقف اختيار ڪيو ۽ عدالت کي ٻڌايو تھ گرفتار جوابدار سنڌين نيشنل ڪانگريس جي ريلي دوران ملڪ ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪرڻ ۽ملڪي حمايت ۾ لڳل بيئنر ڦاڙڻ واري عمل ۾ شامل رھيا آھن عدالتي پوليس ريمانڊ جي اھا درخواست رد ڪري ڇڏي آھي ۽جوابدارن کي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آھي تھ پوليس تاج جويو جي پٽن جي گرفتاري ظاھر ڪندي اي ٽي سي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تھ حيدرآباد: تاج جويو جا گرفتار ٻئي پٽ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش، هوشو ۽ روپلو کي ٽن ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم، جسماني رمانڊ لاءِ پوليس جي درخواست ردڪيو ويو آھي سنڌ جي ڏاهي دانشور تاج جوئي صحافين کي ٻڌايو آھي تھ 20 موبائلون ۽ 200 سپاهي وٺي گهر تي ريڊ ڪيورات جو 4:30 بجي تاج جويي جي گھڙ پوليس جون 25 کان 30 موبائيلون 150کان 200 ڪمانڊو ۽ ڪجھ سول ڪپڙن ۾ چوڌيواري تقدس پائمال ڪري تاج جي گھڙ جا دروازا ٽوڙي ڪري ۽ تاج جي خميس ڇڪي ڪري ۽ بابا تاج جويي تي تشدد ڪري تاج جويي جي ٻن فرزندن روپلو جويو ۽ ھوش محمد جويي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري کنڀي کڻي ويا حيدرآباد جي گلستان سجاد ۾ اديب ۽ ليکڪ تاج جويو جي گھر تي پوليس جي چڙھائي ، اهلڪار سخت تشدد ڪندي تاج جويي ٻن پٽن ھوش محمد جويو ۽ روپلو جويو کي کنڀي کڻي ويا ، پوليس رات جي اونداهيءَ ۾ گهر تي ڪاهه ڪئي ، پٽن کي بازياب ڪرايو وڃي : تاج جويوردعمل ۾ چيو آھي تھ ھن ڀيانڪ واقعي جي سخت مذمت ٿي ڪجي،جنھن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا حيدرآباد جي گلستان سجاد ۾ سنڌ جي ناليواري اديب ليکڪ ۽ قوم پرست اڳواڻ تاج جويو جي گھر تي پوليس جي چڙھائي، اهلڪار تاج جويي جي ٻن پٽن ھوش محمد جويو ۽ روپلو جويو کي کنڀي کڻي ويا، تاج جويو چيو آهي ته پوليس رات جي اونداهيءَ ۾ گهر تي ڪاهه ڪئي، پٽن کي بازياب ڪرايو وڃي. منھنجي پٽن کي ڪجھھ بھ ٿيو اھي ايس ايڇ او قاسم اباد،ايس ايس پي ڊي آءِ جي حيدرآباد آءِ جي سنڌخلاف عدالت ۾ ويندس، تاج جويو صحافين کيص ٻڌايو آھي تھ پوليس ڪمانڊو اھڙي ريت گھر ۾ داخل ٿي گھيرواءُ ڪيو ويو ڄڻ مان ڪو دهشتگرد هجان: تاج جويوموجب منھنجي پٽن کي بنا خميسن جي کڻي ويا اھن منھنجي بھ خميس نشاني طور کڻي ويا آھن جن ۾ 20ھار رپيا روڪ رقم پيل ھئي جيئي سنڌ محاذجي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ،نامياري شاعر ۽ صحافي نياز پنھور.اياز لطيف دايو ،رمضان ميمڻ ،زاھد ڀٽو، لطيف ملاح ارشاد پيرزادو .غلام حسين خاصخيلي ، ! اصغر سنڌي ملاڻو،پوريھت اڳواڻ ناصرمنصور ايس يو پي اڳواڻ مخدوم شمس،لوڪ راڳي صوفي مانجھي فقير،صحافي صحبت ٻرڙو.مھان رڳاي بديل مسرور،اديب روبيناابڙو، نثار لغاري،مولابخش محبتي، مجيب سنڌي ،محبوب رند،سجاد ظھير سولنگي، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ قاضي علي نواز اثر امام ،عرفان گل چانڊيو,وزيرفرھاد سولنگي ،روئوف دايو ،غلام مصطفي! ھاشماڻي پورهيت مزاحمت تحريڪجو اڳواڻ مسرور شاھ ،نور سنڌي، امدادسولنگي .اياز گل.عبداللطيف لغاري سميت ھزارين ماڻھن سوشل ميڊيا تي ھن واقعي جي مذمت ڪندي تاج جويو سان ھمدردي جو اظھار ڪندي چيو تھ انتھائي افسوس ٿئي ٿو، سنڌين سان ٿيندڙ ظلمن تي، تاج جويي جي گهر تي لڳل ڇاپي ۽ سندس ٻن پٽن کي کنڀي کڻي وڃڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿيتاج جويو جي گھر تي پوليس ۽ سول ڊريس ماڻھن جي چڙھائي گھر جي چوديواري جو تقدس پامال ڪري نوجوان پٽن کي کنڀي گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.سنڌ جي ڏاهي دانشور تاج جوئي جي گھر تي چڙھائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس کي پائمال ڪري سندس ٻن فرزندن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿيسنڌ جي ناليواري اديب،ليکڪ،استاد،دانشور ٻُڍڙي تاج جويو جي گهر مٿان رات جي انڌهيري ۾ رياست جي چڙهائي ڪري تاج ۽ سندس پٽن مٿان سخت تشدد ڪري ٻن پٽن کي کنڀي کڻڻ ۽ گرفتار ڪرڻ ، قومي اڳواڻ شبير جمالي سميت ٻين مٿان جڙتو ڪيس داخل ڪرڻ تي جيتري به مذمت ڪجي تمام گهٽ آهي ۽ اسين گهر ڪريون ٿا ته سمورن ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سائين تاج جويو جي ٻنهي پٽن کي آزاد ڪري سائين تاج جويو سان انصاف ڪيو وڃي!ھوڏانھن سوشل ميديا تي اھو پڙاڏو متل آھي تھ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي سموري قيادت مٿان ڪيس داخل گهرن تي ڇاپا ۽ گرفتاريون شروع ٿي ويون آھن، اياز ابڙو بيان ۾ چيو آھي تھ سنڌ جي ساڃهوند ليکڪ ۽ سنڌ پرست تاج جويو جي گهر تي رات جي اونداهي ۾ پوليس چڙهائي ۽. هن مٿان ڪيل تشدد سميت سندس ٻن پٽن جي گرفتاري واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.










