بي رحم ڌاڙيلن هٿان مزاحمت ڪرڻ تي شهري قتل

بي رحم ڌاڙيلن هٿان مزاحمت ڪرڻ تي شهري قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڌاڙيلن هڪ ٻئي شهري کي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، گهگهر ڦاٽڪ جي ويجهو هڪ دڪان تي ڦر دوران هٿياربندن هٿان هڪ شهري مارجي ويو، مقتول جي سڃاڻپ عارف جي نالي سان ٿي آهي.ڦر جي مزاحمت دوران هڪ شهري جي مارجي وڃڻ کان پوءِ علائقي واسين نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ۽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف، نارٿ ڪراچي مان هڪ ٻار کي اغوا ڪرڻ جو الزام آهي، صارم نالي ٻار جي پيءُ کي پنجاب ۽ بلوچستان جي نمبرن تان ڀتا خوري جا پيغام ملي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو