ڇور(سروپ سنگهه) ڀيلانٽليڪچوئل فورم يعني بي آئي ايف پاران اسلامڪوٽ ۾ ڀيل برادري جا گھر ڊاھڻ چيلھار ۾ مومل مينگھواڙ سان ٿيل زيادتي ۽ حيدرآباد ۾ بي دردي سان قتل ٿيل معصوم رخسانه ۽ قادر بخش سيال جي قاتلن کي سزا ڏيڻ لاء ريلوي ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين دراوڙ تنظيم جي مرڪزي صدر لالا لجپت ڀيل بي آئي ايف جي مرڪزي اڳواڻ رانجھن ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي لالا لجپت ڀيل رانجھن ڀيل سريش ساجن داس ۽ ٻين چيو تي سنڌ ۾ ھڪ سازش تحت ڪافي وقت کان ڌرتي ڌڻين سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي روزانو ھندو برادري جون نياڻيون زبردستي اغوا ڪري جبري مذھب تبديل ڪرايو پيو وڃي ان سان سواء اسلامڪوٽ لڳ ملھو ڀيل ۾ 150 کان مٿي ڀيل برادري جا بنا جواز گھر ڊاھي بي گھر ڪيو ويو آھي جيڪو ڀيل برادري سان وڏو ظلم آھي ھنن وڌيڪ چيو تي چيلھار ۾ مومل مينگھواڙ دان ٿيل واقعي جا جوابدار ۽ حيدرآباد ۾ بي دردي سان قتل ٿيل رخسانه ۽ قادربخش سيال جا قاتلن کي سخت سزا ڏئي انصاف فراھم ڪيو وڃي.










