بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي

بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي قتل ڪندڙن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ڏوهارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي شهر بارکان جي علائقي رِڙڪن ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل مسافرن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيڪي بيگناهه شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائين ٿا انهن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، بيگناهه شهرين جي قربانين کي ڪڏهن به ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن. ياد رهي ته بلوچستان جي شهر بارخان جي علائقي رڙڪن ۾ هٿياربندن 7 مسافرن کي بس مان لاهي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد کين قتل ڪري ڇڏيو هو، مارجي ويلن جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو