آئين کان مٿانهون ڪو به سيٽ اپ قبول نه هوندو، فواد چوڌري

آئين کان مٿانهون ڪو به سيٽ اپ قبول نه هوندو، فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته بهترين حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري جوڪرن کي مڙهي اسيٽبلشمينٽ غلطي ڪئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف جي حڪومت هٽائي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺاهڻ واري ڳالهه مذاق آهي. اسين آئين کان ٻاهر جو ڪو به نظام قبول نه ڪنداسين. هن وزيراعظم شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته حڪومت نٿي هلي ته اوهان آمريڪا مان امپورٽڊ ٽيڪنوڪريٽ آڻيندئو، هر هر تجربا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، غير چونڊيل ماڻهو آمريڪا مان درآمد ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، ملڪ جي مسئلن جو حل چونڊون آهن. فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي صورتحال خراب ٿيندي ته پاڪستان متاثر ٿيندو، اسان هر وقت نٿا وڙهي سگهون، بم ۽ ميزائل حملا ڪيا ويندا ته پوءِ ردعمل به ايندو. هن چيو ته جنهن ڏينهن اسان اسعيفيٰ لاءِ اسيمبلي جو رخ ڪيون ٿا ان ڏينهن اسيپڪر ڪاري چور وانگر ڀڄي ويندو آهي. ياد رهي ته ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي دعويٰ ڪئي هئي ته ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ اپ مارچ تائين اچڻ جو امڪان آهي ۽ آءِ ايم ايف ان سيسٽم سان ڊيل ڪندي. جنهن بعد عمران خان پڻ ڪجهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊگهي عرصي لاءِ ٽيڪنوڪريٽ سيسٽم اچڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو