بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي لاڙڪاڻو بورڊ جي ريلي

بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي لاڙڪاڻو بورڊ جي ريلي

لاڙڪاڻو (پ ر)آپريشن بنيان المرصوص جي تاريخي ڪاميابي تي لاڙڪاڻي ۾ جشن، پاڪستان فوج سان شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي، لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ پاران بورڊ آفيس کان هڪ عظيم ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي چيئرمين بورڊ خالد حسين مهر ڪئي، بورڊ آفيس کان ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن بينر ۽ قومي جهنڊا کڻي پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا، چيئرمين تعليمي بورڊ خالد حسين مهر چيو ته آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي شڪريو ادا ڪرڻ جي ريلي جو انعقاد ڪيو ويو آهي، پاڪستان هندستان سان جنگ ۾ هر محاذ تي پنهنجي برتري ثابت ڪئي آهي، آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ پاڪستان جي بهادر فوجن ڏانهن وڃي ٿو،وطن جي محافظن ملڪ ۽ قوم کي فخر سان بلند ڪيو، اسان پاڪستان آرمي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو