بند پيل اسڪولن کي فنڪشنل بنائڻ جو فيصلو

بند پيل اسڪولن کي فنڪشنل بنائڻ جو فيصلو

روهڙي(رپورٽر)روهڙي ۾ ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ٿي سکر ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ زبون حال اسڪولن ۽ بند پيل اسڪولن جي نشاندهي ڪري چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي اعلي آفيسرن سان ملاقات ڪري اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪرائڻ جو فيصلو تفصيل موجب گذريل ڏينهن روهڙي ۾ ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس پاران ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جي وائس چيئرمين جي قيادت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ٽاسڪ فورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ گڏجاڻي ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي سکر جي ڪيترن ئي تعلقن روهڙي؛ صالح پٽ؛ پنوعاقل؛۾ ڪيترين ئي اسڪولن جون عمارتون زبون حال ٿي ويون آهن ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي جن ۾ واش روم چوديواري؛ راندين جا ميدان؛ ڪتاب؛ ڪلاس روم؛ استادن جي کوٽ  هجڻ ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي سرگرمين کي پورو ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان حوالي سان ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جي پليٽ فارم تان لاڳاپيل تعلقن جي چونڊيل نمائندن ۽ ايجوڪيشن جي اعلي آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪري سڀني متاثر اسڪولن جي تعميراتي ڪمن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري لاڳاپيل اسڪولن جا مسئلا حل ڪرايا ويندا ۽ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ اسڪولن جو معائنو ڪري تعليم سان لاڳاپيل تمام مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويندو ۽ تعليم حاصل نه ڪندڙ ٻارن جي والدين سان ملاقات ڪري سندن ٻارن کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏيارڻ جو پيغام ڏينداسين هن گڏجاڻي ۾ ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس جي عهديدارن ۽ ميمبرن کان علاوا ٻين سماجي تنظيمن جي ماڻهن به شرڪت ڪئي واضح رهي ته ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس غير سرڪاري تنظيم آهي ۽ هو تعليم جي بهتري لاءِ رضاڪار طور تي خدمتون انجام ڏئي رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو