ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ گھنور مھر وٽ بمبلي مائينر جي آر ڊي 79 مان پيرسن جو لاش ھٿ لاش جي ھفتو اڳ گم ڄاڻايل پيرسن ارباب علي سومرو طور سڃاڻپ ٿي پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش واھ مان ڪڍائي تعلقا اسپتال کڻائي وارثن کي اطلاع ڏنو ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ پنوعاقل واسي پيرسن طور ٿي آھي معاملو خودڪشي آھي يا قتل جاچ ڪري رھيا آھيون مبارڪپور پوليس خبر موجب ٺڪراٺو جي مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھنور مھر ڀرسان بمبلي مائينر جي آرڊي 79 وٽان لاش کي ڳوٺاڻن لڙھندو ڏسي مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڪيو مبارڪپور پوليس پھچي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش کي واھ مان ڪڍرائي تعلقا اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد ميمڻ رابطي تي ٻڌايو ته ھٿ آيل لاش جي ڪپڙن مان پوليس ۽ ڳوٺاڻن کي شناختي ڪارڊ مليو آھي جنھن مطابق 80 سالا پيرسن ارباب علي پٽ يار محمد سومرو پنوعاقل تعلقي جي ميان ڳوٺ واسي طور لاش جي سڃاڻپ ٿي آھي پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي وارثن کي اھڙو اطلاع ڏنو آھي پوليس جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وارثن پاران ھفتو اڳ پيرسن جي گم ٿيڻ جو بيان خانپور مھر ۾ ڏنو ويو ھو ۽ سندس ڳولا پڻ ڪري رھيا ھئا اسانکي جيئن ئي اطلاع مليو ته پيرسن جو لاش واھ مان ڪڍائي اسپتال منتقل ڪيو آھي معاملو خودڪشي آھي يا قتل وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.










