بلوچستان جي اسپتالن کي مثالي بڻائينداسين: سرفراز بگٽي

بلوچستان جي اسپتالن کي مثالي بڻائينداسين: سرفراز بگٽي

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ اسپتالن کي مثالي طبي ادارا بڻايو ويندو.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جي صحت کاتي جي طبي ماهرن پاران کيس کاتي جي سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ بلوچستان ۾ صحت جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سرفراز بگٽي بلوچستان ۾ صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ملاقات دوران هن چيو ته هو صحت جي شعبي کي جديد خطن تي ترقي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو.بلوچستان جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڊجيٽلائيزيشن ذريعي طبي سهولتون، دوائن جي فراهمي ۽ هڪ مربوط نظام جي قيام کي يقيني بڻايو وڃي.سرفراز بگٽي اهو به چيو ته بي ايم سي، سينڊيمن ۽ شيخ زيد النهيان اسپتالن کي مثالي طبي ادارا بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو