ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف جي ملاقات ماڻهن کي لولي پوپ ۽ بيوقوف بڻائڻ ۽ ٽوپي ڊرامي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ڪئنالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ موڪلڻ ۽ وڌيڪ اينگهائڻ بدران سڌي طرح سان پريس ڪانفرنس ۾ ان کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ها، ڇو ته ان سڄي منظر نامي ۾ سي سي آءِ جي 08 ميمبرن مان 04 ميمبر ته حڪومتي پارٽي جا جڏهن ته پنجون ميمبر امير مقام به مسلم ليگ ن جو نمائندو، ڇھون ميمبر وزير اعلي بلوچستان سرفراز بگٽي به ساڳين قوتن جو ماڻهو ۽ انهن جي ئي چوڻ ۾ آهي، علي امين گنڊاپور جو ووٽ به شايد سنڌ کي نه ملي سگهي باقي رهيو مراد علي شاھ جيڪو اڪيلو رهجي ويندو. سي سي آء جو قانون آهي ته فيصلا اتفاق راءِ سان نه پر اڪثريت راءِ سان ٿيندا .جنهن بعد مراد علي شاھ چوندو ته مون وٽ ٻيو ووٽ ئي نه ھو تنھن ڪري ھاڻي ڪجھ نه ٿو ڪري سگهجي هيءَ سموري ٽيڪنيڪل قانوني راند آهي جنهن ۾ صدر زرداري ۽ پيپلزپارٽي به مڪمل طور تي شامل آهي. اڪثريتي ووٽ جي بنياد تي جڏهن سي سي آءِ مان ڇهه نوان ڪئنال منظور ٿي ويا ته سنڌ جي ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويندي سنڌ بنجر بڻجي تباھ ٿي ويندي.سنڌ جي عوام جنهن ۾ قوم پرست، سياسي، مذهبي جماعتن، سول سوسائٽي، وڪلا برادريءَ، صحافين، اديبن، دانشورن سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن، ٻارن، عورتن، شاگردن استادن جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي جو اڄ. پيپلزپارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي. پ پ قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ شهباز شريف سان ملي ڀڳت ڪري ڪريڊيٽ کڻڻ ۽ عوامي احتجاج کي ماٺو ڪرڻ چاهي ٿي، پر سنڌ جو عوام هاڻي سندن ٻٽي پاليسي کي چڱي طرح سان سمجهي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ جي عوام لاءِ جاري وڊيو پيغام ۾ ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي سنڌ جو اهو ڪلئير موقف آهي ته سي سي آءِ ۾ صوبن جي اتفاق راءِ بدران اڪثريتي بنيادن تي ڪيل ڪنهن به فيصلي کي سنڌ جو عوام هرگز قبول ڪونه ڪندو، اسان جي جدوجهد نه فقط ڪئنالن جو نوٽفيڪيشن واپس وٺڻ بلڪه ايس آءِ ايف سي ذريعي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي قيمتي لکين ايڪڙ زرعي زمينون وفاق ۽ اسٽيبلشمنٽ کي ڏيڻ واري ڪاري قانون جي خاتمي جي جدوجهد آهي. هيءَ سنڌ جي عوام، هارين، نارين، شهري، ٻهراڙي، نوجوان، بزرگن، شاگردن، وڪيلن جي جدوجهد آهي جيڪا ڪئنالن جي منظوري واري نوٽيفڪيشن جي خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ، بجلي، گئس سميت معدني وسيلن تي حق ملڪيت تسليم ڪرڻ تائين جاري رهندي. شهباز شريف ۽ بلاول زرداري جي پريس ڪانفرنس سنڌ جي عوامي احتجاج ۽ ٻٻرلوءَ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي سازش آهي جيڪا ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندي جيسيتائين وفاق باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي هميشه لاءِ دفن نه ڪندو سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته الحمدلله ڪئنالن توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جماعت اسلامي نه رڳو ” درياهه بچايو ڪميٽي“ بلڪه پنهنجي پليٽ فارم تان به لاڳيتو مختلف سرگرمين ذريعي جدوجهد ڪري رهي آهي. حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن هنن سنڌ خلاف سازشون، ڪارپوريٽ فارمنگ وارو استحصالي نظام ختم نه ٿيو ته اسان پنهنجي جدوجهد ۾ اڃان وڌيڪ تيزي آڻينداسين.










