لاڙڪاڻو(ن س) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيوآهي ته بلاول کي ڀٽو بدران زرداري سڏائڻ گهرجي. اهڙو اظهارهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته موجوده حڪمرانن پاڪستان جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها ٿي وئي آهي. غنويٰ ڀٽو چيو ته 40سالن دوران 4 ڀٽو قتل ٿيا آهن، شهيدن کي عوام جي دلين مان ڪير به ڪڍي نٿو سگهي. هن شهيد ڀٽو جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته 70 واري جنگ ۾ اسين هارائي چڪا هئاسين پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شڪست کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن بلاول سان مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول کي ڀٽو بدران زرداري سڏائڻ گهرجي. غنويٰ ڀٽو وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهائيندي چيو ته عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڀارتي پائليٽ واپس ڪرڻ جي ايتري تڪڙ هئي جو هن پارليامينٽ کان پڇڻ جي تڪليف ئي نه ڪئي، اڀينندن جي واپسي مان ائين لڳو ته ڄڻ عمران خان مودي کي تحفو ڏنو هجي. ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو جي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. هن جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ وڏو نه هو.
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا
بشريٰ جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت ڏيو، درخواست ڊي سي حوالي
ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان ناھي،تجزيھ ڪار
علي يونس عاليه رياض سان گڏ تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي
sir i want as job as reporter from malir karachi