بلاول ڀٽو زرداري جي نواز شريف سان ٿيل ملاقات

هاڻي هندستان ۽ پاڪستان جي ڇڪتاڻ ڪنهن حد تائين ماٺي ٿي وئي آهي پر اڃا جنگ جو خطرو ٽريو نه آهي، حالتن ۾ ماٺار اچڻ بعد وري حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ گرماگرميءَ جو روپ اختيار ڪري رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڏينهن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول زرداري ۽ مسلم ليگ (ن ) جي سربراهه نواز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن جي ملڪي سياست تي اثر پوڻ پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي سياسي حلقن ۾ ان جو چرچو ضرور ٿيو آهي ۽ ان کي ڪنهن حد تائين سنجيدگيءَ سان ورتو ويو آهي. مخالف ڌر بلاول- نواز ملاقات کي تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف هڪ الائينس طور تي ڏسي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جي گڏجڻ جو مقصد سندن خلاف جاري ڪرپشن جي ڪيسن مان جان ڇڏائڻ جو هڪ بهانو آهي ۽ اصل ۾ سندن جدوجهد جو مقصد پڻ اهو ئي هوندو. جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حلقن جو چوڻ آهي ته بلاول _نواز شريف وچ ۾ ملاقات جي ڪا به سياسي ايجنڊا ناهي ۽ نه ئي سندن ملاقات جي ڪا سياسي ايجنڊا هُئي، اها ملاقات رڳو نواز شريف جي عيادت ڪرڻ لاءِ هُئي، ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي قيادت جو پڻ چوڻ آهي ته بلاول-نواز ملاقات جو ڪو به سياسي پس منظر نه آهي، اهڙيون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. بلاول- نواز ملاقات ان حوالي سان به اهميت اختيار ڪري ٿي وڃي جو نواز شريف جي بيماريءَ سبب سندس علاج جو اشو هلي رهيو آهي، مسلم ليگ(ن) جي قيادت جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي تحريڪ انصاف جي حڪومت علاج جون سهولتون فراهم نه پئي ڪري، جنهن ڪري نواز شريف جي صحت تيزيءَ سان بگڙجندي پئي وڃي، ٻئي پاسي حڪمران ڌر جي ذميوارن جو اهو چوڻ آهي ته حڪومت نواز شريف جي علاج ۾ ڪابه رنڊڪ نه پئي وجهي، پر وري جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت نواز شريف کي علاج جي اجازت نه پئي ڏئي. مجموعي طور تي نواز شريف جي بيماري، نواز- بلاول ملاقات جهڙوڪر هڪ نئين سياسي منظر نامي کي جنم ڏئي رهي آهي جنهن جي جهلڪ نواز ليگ پاران نواز شريف جي آزاديءَ لاءِ جوڙيل نواز رهائي ڪميٽي ۽ ان جو 15- مارچ کان سڄي سنڌ ۾ نواز شريف جي رهائي ۽ سندس صحت يابيءَ لاءِ خاص دعائن ڪرڻ جي پروگرام جو اعلان آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي قيام کان ئي ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ڪاررواين جي سلسلي ۾ مخالف ڌر جي ٻنهي پارٽين خاص ڪري مسلم ليگ (ن) خلاف جيڪي ڪات ڪهاڙا کنيا ويا انهن مسلم ليگ کي نه صرف سوڙهو ڪيو، ناڪاره ڪيو پر ان جي قيادت جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتارين پڻ مسلم ليگ کي انتهائي سخت نقصان پهچايو، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتاري ۽ انهن جي قيد، هُجي يا وري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت خلاف ڪارروايون هجن اهڙين سمورين ڪاررواين جو نتيجو وڃي اهو ٿو نڪري ته ٻئي پارٽيون انتهائي سوڙهو ٿي وڃي هڪ ڪنڊ ۾ پهتيون جنهن جو منطقي نتيجو اهو نڪرڻو هو جو ٻنهي پارٽين کي سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملي ۽ ٻنهي پارٽين کي اهو موقعو هاڻي مليو آهي. ملڪ جي موجوده سياسي ماحول ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو گڏجڻ اسين نه ٿا سمجهون ته سواءِ ڪنهن ڪارج جي هوندو يا وري غير سياسي هوندو، انهيءَ ملاقات کان هٽي ڪري نواز شريف جي رهائي لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ان طرفان 15- مارچ کان سنڌ ۾ احتجاجن جي سلسلي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ ايندڙ ڏينهن ڪي سولا ۽ آسان نه هوندا، ملڪ جي موجوده اقتصادي بحران، سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ مهانگائي جي مانڊاڻ واري ماحول ۾ مخالف ڌر جي هلايل ڪابه تحريڪ جيڪڏهن اها ڪو شديد سياسي رخ اختيار ڪري ٿي ته اها تحريڪ ڪنهن به طور تي ملڪ جي مفادن ۾ نه هوندي، تنهنڪري حڪومت ۽ مخالف جي ڪلهن تي هڪ جيتريون ذميواريون پون ٿيون، موجوده صورتحال ٻنهي ڌرين کان اها تقاضا ڪري ٿي ته پنهنجين ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري ڪوبه اهڙو قدم نه کڻن جيڪو حالتن کي ڳنڀير بڻائي صورتحال کي سنگين ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو