اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ بجلي جي استعمال ۾ 22 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ نيپرا في يونٽ 48 پئسا واڌ تي غور ڪري رهي آهي.صنعتي ۽ زرعي طلب جي ڪري ڊسمبر 2025 ۾ بجلي جو استعمال 2.4 ارب يونٽ تائين وڌي ويو.شمسي توانائي جي تيزي سان پکڙجڻ سان گرڊ تي انحصار گهٽائڻ ۽ پيداواري خرچن ۾ واڌ جي اميد آهي.ٻئي طرف، صنعتي صارف بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي مخالفت ڪري رهيا آهن.بجلي عملدارن موجب، ڊسمبر 2025 ۾ پاڪستان ۾ بجلي جي استعمال ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ 22 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو سبب صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ مضبوط طلب هئي.










