بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ خلاف جماعت جا احتجاجي مظاهرا

بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ خلاف جماعت جا احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نہ ڪرڻ ۽ بدترين لوڊ شيڊنگ خلاف امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان طرفان جمعه ڏينهن احتجاج جي اپيل تي سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ به جماعت اسلامي جي تحت ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، بدين، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار،ڄام شورو، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، دادو ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاھرن ۾ شريڪ ماڻھو سخت نعريبازي ۽ آء پي پيز سان ظالماڻن معاهدن کي ختم ڪرڻ، بدترين لوڊ شيڊنگ ڪري معيشيت جي ڦيٿي کي جام ڪرڻ بند ڪرڻ، سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي مفت بجلي بند ڪرڻ، عوام کي زندگي گذارڻ جو حق ڏيو جهڙن ٻين مطالبن تي ٻڌل پلي ڪارڊز هٿن ۾ کنيل هئا، احتجاجي ميڙاڪن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ٽنڊوالهيا ۾ پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته آء پي پيز مافيا، بجلي ڪمپنيون ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي ڳٺ جوڙ سان بجلي بلن ۾ هوش وڃائيندڙ اضافو ڪري عوام کي ذهني مريض بڻايو ويو آهي ۽ صنعت ۽ معيشيت جو ڦيٿو جام ڪيو ويو آهي جنهن ڪري مهانگائي جو طوفان، محنت ڪش طبقو بک ۾ مبتلا ۽ ملڪ جي معيشيت کي ناقابلِ تلافی نقصان پهچي رهيو آهي. هن ظالماڻن ۽ ٻٽي نظام ۾ جتي هڪ غريب ۽ عام ماڻهو پنهنجي پيٽ ڪاٽي ۽ گهر جو قيمتي سامان وڪرو ڪري بجلي ۽ گيس جا ڳرا بل ۽ بيشمار ٽيڪس ادا ڪري ٿو، اتي اهو سڀ ڪجهه وزيرن، ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريٽن سميت سرڪاري ملازمن کي مفت ۾ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته بجلي چوري ۽ لائن لاسز جا خرچ پڻ انهن ماڻهن تي وڌا ويندا آهن جيڪي بجلي جا بل ادا ڪن ٿا، جيڪو سراسر ظلم ۽ نا انصافي آهي. هن چيو ته وزير توانائي طرفان بجلي پيدا ڪرڻ وارين ڪمپنين ۾ هر ملازم کي 6 هزار رپيا مفت بجلي حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ۽ مفت بجلي ڏيڻ بند نه ڪرڻ جي لاچاري ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي. هنن جو حڪم ۽ ظلم صرف غريبن ۽ لاچارن تي ئي ھلي ٿو، جڏهن ته ڪروڙين جي بجلي مفت وٺڻ وارن ۽ بجلي چوري ڪندڙ طاقتورن کان ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪئي وڃي ٿي. عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته آئي پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن مان 1100 ارب رپيا بچت کي بجلي بلن ۾ گهٽتائي ڪري رليف ڏنو وڃي. صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ مطالبو ڪيو ته بجليءَ جي بلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، ناجائز ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، پيٽرول جي لي وي گهٽ ڪئي وڃي، اربين رپين جي سرڪاري مراعات ختم ڪيون وڃن، تنخواه دار طبقو کي رليف ڏنو وڃي ۽ زميندار طبقو تي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته آئي پي پيز سان ڊيل ٿي چڪي آهي جنهن سان اربين رپين جو فائدو قومي خزاني کي ٿي رهيو آهي، پوء اهو فائدو عوام، انڊسٽري ۽ ڪٽيٽ انڊسٽري کي ڇو ناهي ملي رهيو؟ ڪراچي ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي نہ ڪرڻ جي خلاف شهر جي 13 هنڌن تي ڌرڻا ڏيا ويا، جن مان امير حلقه ڪراچي منعم ظفر ۽ ٻين قائدين خطاب ڪيو. آئي پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن مان 1100 ارب رپين جي بچت جو فائدو عوام تائين پهچائڻ، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ اهل ڪراچي کي ڪي اليڪٽرڪ جي مافيا کان نجات دلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ حاجي ديدار علي لاشاري جي قيادت ۾ دفتر کان پريس ڪلب تائين ريلي، بدين پريس ڪلب تي ٿيندڙ احتجاجي مظاھري کي ضلعي امير سيد علي مردان شاھ، الھ بچايو ھاليپوٽو ، عبدالڪريم بليدي، ڪنڌڪوٽ پريس آڏو مظاهري کي مصطفي ميراڻي حافظ اسداللہ چنا، دادو ۾ مرکپور چونڪ تي مظاھري کي محمد موسي ٻٻر، ميرپورخاص خاص سبزي منڊي چوڪ تي احتجاجي ميڙاڪي کي شڪيل احمد فھيم، عاصم شيخ، ٺٽي پريس ڪلب تي مظاھري عبدالله آدم گندرو ۽ ٻين اڳوڻن خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو